حسن عجيمي شيخ

حسن عجيمي شيخ: نامور عالم ۽ محدث شيخ حسن بن علي العجيمي، مڪي شريف ۾ جنم ورتو. هي سنڌ جي نامور عالم شيخ محمد حيات سنڌي عادلپوريءَ جو استاد هو. علامه خيرالدين الزرڪلي سندس ڄمڻ جو سال 1049هه/1639ع ڄاڻايو آهي. هن جا وڏا اصل يمن جا رهاڪو هئا، جتان پوءِ لڏي مڪي ۾ رهائش اختيار ڪيائون. هن ابتدا کان وٺي آخر تائين مڪي شريف ۾ تعليم حاصل ڪئي. هي ننڍپڻ کان ئي انتهائي ذهين هوندو هو.نواب ڀوپالي هن بابت لکيو آهي ته: “هو فصاحت، يادداشت ۽ ڏاهپ ۾ پنهنجي زماني جي عالمن کان مٿڀرو هو.” کيس مڪي شريف ۾ شام، حجاز، هند، يمن ۽ مصر جي نامور عالمن کان تربيت ملي. هن کي ‘عجيمي’ جي لقب سان سڏيو ويندو هو. سندس تذڪرو ‘ابو الاسرار’، ‘ابو علي’ ۽ ‘ابو البقاء’ سان ملي ٿو. هن فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ مسجد الحرام ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو، جتي شيخ محمد حيات عادلپوري سنڌي، شيخ ابو طاهر الڪوراني، شيخ حسن بن عبدالرحمان سميت ٻيا ڪيترائي نامور عالم وٽس پڙهيا. هو حنفي طريقي جو عالم هو. نواب ڀوپالي سندس بابت وڌيڪ لکيو آهي ته، “هو حنفي هو پر سفر ۾ ٻه نمازون گڏجي پڙهڻ جو قائل هو ۽ امام جي پويان فاتحه پڙهندو هو. سمورن مذهبي معاملن ۾ ڪنهن خاص مذهب کي لازم ڪري نه وٺندو هو، پر ان ۾ تطبيق واري راهه کي اختيار ڪندو هو.” هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ (1) تحقيق النصرة للقول بايمان هل الفترة، (2) نبذة في الفلک، (3) الاجوبة المرضيه عليٰ الا سئلته اليمانيه، (4) الاقوال المرضية علي الاجوبة اليمانيه، (5) اهداءُ اللطائف من اخبار الطائف، (6) الفرج بعد الشدة في ان النصاري لايسکنون مجدة، (7) رسالته الطرق، (8) اهداءُ التهاني با جازة نصر البنباني، (9) خبايا الزوايا، (10) تاريخ مکه والمدينة و بيت المقدس، (11) حاشية علي الاشباه والنظائر، (12) حاثية علي الدرر، (13) رسالة في الفرائض، (14) رساله في التصوف، (15) ڪفاية المستطلح ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. هن 1113هه/1701ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو